آصف پھوڙ (گامون)

آصف پھوڙ (گامون)

آصف پھوڙ گامون

آصف پھوڙ (گامون): مزاحيه اداڪار آصف پھوڙ عرف گامون سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور ۾ پھرين جنوري 1975ع تي حاجي امير بخش پھوڙ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. بنيادي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان DVM جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾ ڪراچي شھر ۾ سنڌي سيٽلائيٽ چئنل ’ڪشش‘ ٽي. وي جي مزاحيه پروگرام GP Brothers ۾ گامون جي ڪردار طور مشھور ٿيو. ان کانپوءِ ’سنڌ‘ ٽي. وي، ’آواز‘ ٽي. وي ۽ ’ڌرتي‘ ٽي. وي تي ڪيترائي مزاحيه پروگرام ڪيا. جڳ مشھور مزاحيه پروگرام ’لافٽر هائوس‘ ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ پوري دنيا ۾ مشھور ٿيو. هن وقت سوشل ميڊيا تي پنھنجي يوٽيوب چئنل ’گامون آفيشل‘ تي ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.01.01  عيسوي

مزاحيه اداڪار آصف پھوڙ عرف گامون سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور ۾ پھرين جنوري 1975ع تي حاجي امير بخش پھوڙ جي گهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سڪندر بلوچ
امام الدين مجددي
ڀائي آسنداس
امين فقير مڱريو
جتوئي شير خان
ضياء الدين احمد
تولڙو بابا
روئداد خان
قادرداد خان پٺاڻ
بهاول خان عباسي4
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون